مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان روانو ٿي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان نور خان ايئربيس تان خاص جهاز جي ذريعي ڪابل روانو ٿيو. ذريعن موجب وزيراعظم افغانستان ۾ افغان امن عمل، ٻطرفه لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم هڪ ڏينهن جو دورو افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جو افغانستان جو دورو انتهائي اهميت جوڳو آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني وزيراعظم عمران خان چيو هو ته پاڪستان افغانستان جي هر حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم عمران خان پاڪ افغان واپار، سرمائيڪاري فورم 2020 جي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو هو ته خطي جا افغانستان سان رابطا صدين کان آهن، پر افغانستان ۾ انتشار سبب ٻنهي ملڪن کي نقصان پهتو. پاڪستان پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو