مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس طلب، اسمارٽ لاڪ ڊائون سميت اهم فيصلن جو امڪان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

قومي رابطه ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ وزيراعظم عمران جي صدارت هيٺ ٿيندو جنهن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون سميت اهم فيصلا ڪيا ويندا. ان حوالي سان ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي رابطه ڪميٽي جي طلب ڪيل اجلاس ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ذميوار ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال تي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس جي حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ تعليمي ادارن جي بندش جي فيصلن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ اين سي او سي، صحت ۽ تعليم جون اعليٰ اختياريون شرڪت ڪنديون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو