مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هٿياربند فوج جي سربراهن جو آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر جو دورو، اهم معاملن تي بريفنگ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هٿياربند فوج جي سربراهن آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي انهن کي اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار جي طرفان ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ۽ ايئر  چيف مارشل مجاهد انور خان آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد معزز مهمانن، هٿياربند فوج جي سربراهن جو استقبال ڪيو. اعليٰ عسڪري قيادت کي ڪنٽرول لائين، والاريل ڪشمير ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب اعليٰ عسڪري قيادت پيشي وراڻا تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو