مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نيب اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف کي طلب ڪري ورتو.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کي طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب نيب لاهور خواجه آصف کي ڪينٽ هائوسنگ سوسائٽي سيالڪوٽ ڪيس ۾ 26 جون تي صبح جو 11 وڳي طلب ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته خواجه آصف تي الزام آهي ته هن موجود زمين کان وڌيڪ زمين وڪرو ڪئي ۽ اختيارن جو غلط استعمال به ڪيو. ذريعن موجب ڪيس ۾ خواجه آصف جي گهر ڀاتين جي به ملوث هجڻ جو الزام آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ نيب خواجه آصف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ به طلب ڪري چڪو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو