مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئين ديري ڀرسان 10 ورهين جي ڇوڪري قتل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نئين ديري ڀرسان زيتونن جي باغ مان 10 ورهين جي نياڻي جو ٻاچڪي ۾ بند لاش مليو آهي. خبرن موجب ڇوڪريءَ جو نالو زارا منگي آهي ۽ هوءَ پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي. تفصيل موجب ڇوڪري کي پلاسٽڪ جي ٿيلهي سان گهٽا ڏيئي قتل ڪيو ويو آهي. لاش ملڻ وقت پلاسٽڪ جي ٿيلهي ڇوڪريءَ جي ڳلي ۾ ويڙهيل هئي، پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو. ڇوڪريءَ جي والد امير بخش منگي پاران شيراز پٽ اڪبر موريو تي ڇوڪريءَ کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ جو الزام لڳائي ان کي گرفتار ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. پوليس پاران جوابدار جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو جنهن بعد پوليس پاران جوابدار فرار ٻڌايو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو