مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ اڃان تائين ڪوبه ملزم گرفتار ناهي ٿيو: آءِ جي پنجاب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آءِ جي پنجاب موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ في الحال ڪنهن به ملزم جي گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي. هڪ خانگي چئنل مطابق پنجاب پوليس جي سربراهه انعام غني ڪيس ۾ ملزمن جي گرفتاري متعلق مختلف ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي غلط قرار ڏنو. آءِ جي پنجاب چيو ته سوشل ميڊيا تي عورت ۽ ملزمن جي شيئر ٿيل تصويرون به ڪوڙيون آهن، ڪيس ۾ اڃان تائين ڪوبه ملزم گرفتار ناهي ٿيو. انعام غني چيو ته ڪيس جي تفتيش کي آئون پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهيان، ڪنهن به ڪاميابي تي ميڊيا کي پاڻ آگاهه ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون غير تصديق شده خبرون ڪيس تي اثر انداز ٿينديون آهن ۽ عوام لاءِ به گمراهه ڪندڙ ثابت ٿينديون. منهنجي ميڊيا جي نمائندن کي گذارش آهي ته هو تصديق ڪرڻ کان بغير ڪابه خبر نه هلائين، جڏهن ته عوام کي به گذارش آهي ته اسان تي اعتماد رکو. آءِ جي پنجاب چيو ته اسين جلد ملزمن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهارينداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو