مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مشهور گلوڪاره صنم ماروي جي اڳوڻي مڙس حامد علي جا گرفتاري وارنٽ جاري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي مشهور گلوڪاره صنم ماروي جي اڳوڻي مڙس حامد علي جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.  گارڊين ڪورٽ جي جج يعقوب علي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا. گرفتاري جا وارنٽ عدالتي حڪم نه مڃن تي جاري ڪيا ويا. تفصيل موجب گارڊين ڪورٽ ۾ گلوڪاره صنم ماروي جي ٻارن جي حوالي ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. گارڊين ڪورٽ جي جج يعقوب علي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت حامد علي کي ٻارن سميت عدالت طلب ڪيو هو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي حامد علي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته مشهور گلوڪاره صنم ماروي اڳوڻي مڙس کان ڪجهه وقت اڳ طلاق ورتي هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو