مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شبلي فراز کي پنهنجي نوڪري سان وفا ڪرڻي آهي: مرتضيٰ وهاب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪڻڪ جو هٿرادو بحران ڪيئن پيدا ٿيو؟ اسان تي الزام هڻندڙ پنهنجي ڪارڪردگي جو به جائزو وٺن. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگهيون، ان ۾ ڪنهن جي نااهلي آهي؟ جيڪڏهن ٽارگيٽ پورو ڪيو وڃي ها ته بحران نه ٿئي ها. هن چيو عمران خان وزيراعظم آهي ته ان جو مطلب پاڪستان محفوظ هٿن ۾ نه آهي، وفاقي حڪومت آبادگارن جي پريشانين کي سمجهندي ڪڻڪ جي بهتر قيمت مقرر ڪري. سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم جلسن ۾ عوام جي شرڪت واضح ڪيو آهي ته انهن کي عمران خان نه بلاول ڀٽو گهرجي، ماڻهو هاڻ غير جمهوري نظام مان تنگ اچي ويا آهن، شبلي فراز هن وقت ڏکائين ۾ آهي ۽ کيس پنهنجي نوڪري سان وفا ڪرڻي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو