مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال کي وڊيو لنڪ تي بيان ڏيڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال کي وڊيو لنڪ تي بيان ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال کي وڊيو لنڪ تي بيان ڏيڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر تي وڊيو لنڪ جا انتظام ڪري رهيا آهيون، ٻنپهرن جو بيان وٺنداسين. هوءَ اسان جي لاءِ احترام جوڳي آهي ۽ اسان جي سامهون ڌر ناهي. اسان جي درخواست آهي ته هو بيان ڏيڻ وقت عدالتي ڊيڪورم جو خيال رکندي مختصر ڳالهائي ۽ مناسب لفظن جو استعمال ڪري.

حڪومتي وڪيل فروغ نسيم دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته بدنيتي تي فائنڊنگ ڏيڻ تي جڊيشل ڪائونسل جي سامهون ڪابه شيءَ معنيٰ نٿي رکي. ڪائونسل بدنيتي سان گڏ نيڪ نيتي جو به جائزو وٺي سگهي ٿي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪنهن جڳهه تي بدنيتي هجي ته عدالت جائزو وٺڻ جي لاءِ بااختيار آهي ۽ پنهنجي اختيارن تي سمجهوتو نه ڪندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو