مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ 15 سيپٽمبر کان اڳ تعليمي ادارن ۾ مڪمل قدم کڻڻ جي هدايت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته سيپٽمبر کان پهرين سمورن تعليمي ادارن ۾ اسپري سميت سمورن قدمن کي مڪمل ڪيو وڃي. تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري تعليم احمد بخش ناريجو، سيڪريٽري ڪاليجز باقر نقوي، ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم ڊاڪٽر فوزيه، آصف ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي صوبي ۾ تعليمي نصاب، ڪورونا وائرس کانپوءِ جي صورتحال ۽ نئين تعليمي سال سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران سعيد غني چيو ته تعليمي ادارن کي 15 سيپٽمبر تي کولڻ جو آخري فيصلو ايس سي او سي جي اجلاس ۾ ٿيندو، اسان کي پنهنجي مڪمل تياري 15 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ تي ذهن ۾ رکي ڪرڻي پوندي. اسين چاهيون ٿا ته 7 سيپٽمبر  تي وفاقي وزير تعليم ۽ سمورن صوبائي تعليم جي وزيرن جو اجلاس ٿئي ته اسان وٽ هر حوالي سان تياريون مڪمل هجن، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ڪورونا وائرس سبب جيڪو تعليمي عمل تعطل جو شڪار ٿيو، ان خال کي جلد کان جلد ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، 15 سيپٽمبر کان اڳ سمورن تعليمي ادارن ۾ اسپري سميت سمورن قدمن کي مڪمل ڪيو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو