مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ حڪومت کي ٻن مهينن ۾ سرڪاري گهرن کي غير قانوني رهائشين کان خالي ڪرائڻ جو حڪم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي ٻن مهينن ۾ سرڪاري گهرن کي غير قانوني رهائشين کان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ سرڪاري گهرن جي غير قانوني الاٽمينٽ تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ جي 229 سرڪاري گهرن تي غير قانوني قبضو آهي، جن کي خالي ڪرايو پيو وڃي، پر ڪورونا وائرس سبب گهر خالي ڪرائڻ وارو عمل روڪيو ويو هو، ان تي چيف جسٽس پاڪستان سنڌ حڪومت کي ٻن مهينن ۾ سرڪاري گهرن کي غير قانوني رهائشين کان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي عملدرآمد رپورٽ گهري ورتي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو