مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جي وڏي وزير جو ميڊيا جي خلاف ڪارروائي تي وفاقي سرڪار کي خط

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيا هائوسز خلاف ڪريڪ ڊائون تي وفاقي سرڪار کي خط لکيو آهي. وفاق کي لکيل خط ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جو آئين معلومات تائين رسائي ۽ اظهار جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو. هن لکيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي اها بدقسمتي آهي ته وفاقي حڪومت ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي پاليسي تي هلي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٽي وي چينلن کي بند ڪرڻ ۽ ميڊيا جي آزادي کسڻ غير آئيني آهي ان ڪري ميڊيا هائوسن جي خلاف ڪارروائي کان پاسو ڪيو وڃي. ان کان اڳ حڪمران اتحادي پارٽي مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين پڻ وزيراعظم عمران خان کي خط موڪليو هو جنهن ۾ هن حڪومت کي ميڊيا سان مقابلو نه ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو