مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنٿيا رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ واري درخواست تي حڪومت ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 هاءِ ڪورٽ آمريڪي شهري سنٿيا رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي درخواست تي حڪومت ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس موڪلي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله آمريڪي شهري سنٿيا رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست ڪندڙ جي وڪيل چيو ته سنٿيا رچي جي ويزا وارو مدو ختم ٿي چڪو آهي جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي ته ويزا جو مدو ختم ٿي ويو آهي. وڪيل چيو ته سنٿيا رچي خود سوشل ميڊيا تي ويزا جو مدو ختم ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، سنٿيا ايف آءِ اي کي چيو ته هوءَ بزنس ڪري رهي آهي، پر هن پيپلزپارٽي جي ليڊرشپ خلاف سوشل ميڊيا تي بيان ڏنا آهن. عدالت درخواست تي مختصر ٻڌڻي بعد وفاق، گهرو وزارت، ايف آءِ اي ۽ ايس اي سي پي کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 3 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو