مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آئين ۾ اهو لکيل ناهي ته جج يا مليٽري جا آفيسر گهٽ قيمت تي پلاٽ حاصل ڪري سگهن ٿا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته آئين ۾ اهو لکيل ناهي ته جج يا مليٽري جا آفيسر گهٽ قيمت تي پلاٽ حاصل ڪري سگهن ٿا. هائوسنگ سوسائٽي ڪيس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ شامل جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واڌو نوٽ لکيو ۽ چيو ته پلاٽ ڏيڻ لاءِ مخصوص قانون جوڙڻو پوندو. هن پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ڪو آئين اجازت نٿو ڏئي ته چيف جسٽس ۽ جج صاحب زمين وٺڻ جا حقدار آهن، جج صاحبن کي پلاٽ ڏيڻ انهن کي نوازڻ برابر آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ لکيو ته ڪو وڪيل يا سرڪاري ملازم هڪ کان وڌيڪ پلاٽ جو حقدار ناهي، گهٽ آمدني وارن سرڪاري ملازمن ۽ جونيئر آفيسرن کي گهٽ قيمت تي پلاٽ ملڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته عوام جي ڀلائي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جي سوال تي آئين چُپ آهي، ملڪ جي زمين اشرافيا ۾ ورهائڻ قانون ۽ آئين جي ابتڙ آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو