مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر واري موڪل ختم، سياري جون موڪلون نه ڏيڻ جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تعليم جي وفاقي وزارت ڪورونا سبب تعليمي نقصان جي تدارڪ لاءِ ڇنڇر واري موڪل ختم ۽ سياري جون موڪلون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تعليم واري وفاقي وزارت پاران جاري ڪيل بيان مطابق وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر واري موڪل ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ هلندڙ سال تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون به نه ڏنيون  وينديون. تعليمي وزارت، وفاقي نظامت تعليمات کي ان حوالي سان خط جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر واري ڏينهن اسپيشل ڪلاسن جو انعقاد ڪيو وڃي. وزارت تعليم خط ۾ چيو آهي ته هي فيصلو ڪورونا دوران ٿيندڙ تعليمي نقصان جي تدارڪ لاءِ ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جي حوالي سان آخري فيصلو 7 سيپٽمبر تي ڪيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو