مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تحريڪ انصاف گلگت بلتستان اليڪشن ۾ ڪلين سوئپ ڪندي: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته سوات ۽ حافظ آباد جي جلسن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته عوام جو اسان تي اعتماد قائم آهي ۽ تحريڪ انصاف گلگت بلتستان اليڪشن ڪلين سوئپ ڪندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ملڪي معاشي صورتحال ۽ حڪومت جي ميڊيا حڪمت عملي جو به جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان اقتصادي ٽيم کي معاشي ڪاميابين کي ميڊيا تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اپوزيشن پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي، اپوزيشن مهانگائي متعلق حڪومت جي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهي آهي، انهن ئي ماڻهن جي غلط پاليسين جو نقصان اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي جڏهن ته سوات ۽ حافظ آباد جي جلسن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته عوام جو اسان تي اعتماد قائم آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو