مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ساڍي 12 وڳي رائيونڊ پهچندو. جنهن کانپوءِ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ اهم ملاقات ٿيندي. هن جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پيپلز پارٽي جو وفد به رائيونڊ پهچندو. مسلم ليگ (ن) جا سينئر اڳواڻ به ملاقات ۾ شرڪت ڪندا. (ن) ليگ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ملاقات ۾ ملڪ جي صورتحال ۽ سينيٽ چونڊن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو