مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اڃان ته ملاقاتن جو ذڪر ڪيو اٿم، ٽيليفون ڊيٽا ظاهر ڪندس ته ملڪ ۾ قيامت اچي ويندي: شيخ رشيد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اڃان ته ملاقاتن جو ذڪر ڪيو اٿم، ٽيليفون ڊيٽا ظاهر ڪندس ته ملڪ ۾ قيامت اچي ويندي. چاهيان ته مشرف جو کاتو به ظاهر ڪري سگهان ٿو. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ڪابه اهڙي جماعت ٻڌايو  جيڪا جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر چار جي پيداوار نه هجي، نواز شريف کي اقتدار مان نيڪالي ڏيارڻ واري مريم نواز آهي، مريم اڳ به نواز شريف کي مارايو ۽ هاڻي به مارائيندي، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جا خراب ڏينهن هلي رهيا آهن، عمران خان اُنهن جي وچ مان هڪڙي وڪيٽ ڪڍي ورتي آهي، قوم کي لٽيندڙ سڀ چور ۽ ڦورو جيلن ۾ هوندا، هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن وارا سينيٽ چونڊن کان اڳ عمران خان سان جهيڙو چاهين ٿا، اُهي نه استعيفيٰ ڏيندا، نه ڌرڻو لڳندو ۽ نه ئي بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿيندي، فخر سان چوان ٿو ته آئون پاڪ فوج جو ترجمان آهيان.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو