مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اپوزيشن نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ جي حمايت نه ڪندي: اياز صادق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو
مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق چيو آهي ته گڏيل اپوزيشن نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ جي حمايت نه ڪندي. اياز صادق چيو ته گڏيل اپوزيشن ڊپٽي چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب جي مدي ۾ واڌ جي تجويز قبول نه ڪئي. هن چيو ته نيب ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمي مسودي ۾ چيئرمين نيب، ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جي شق شامل آهي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته اهو مسودو غور لاءِ حڪومتي ڪميٽي اپوزيشن جي حوالي ڪيو ويو، نيب قانون کي تبديل ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جو هڪ اجلاس اڄ شام جو ٿيندو. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته حڪومت نيب ضابطن کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو