مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ايڪيهه جون تي سڄي پاڪستان ۾ سج گرهڻ ٿيندو: موسميات کاتو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

موسميات کاتي چيو آهي ته 21 جون تي سڄي پاڪستان ۾ سج گرهڻ ٿيندو جنهن جي ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب 21 جون تي پاڪستان ۾ سج گرهڻ ٿيندو جيڪو سڄي ملڪ ۾ ڏسي سگهبو. ان بابت موسميات کاتي به ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.موسميات کاتي موجب سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سج گرهڻ جا وقت ڌار ڌار هوندا. سج گرهڻ صبح 8 لڳي 46 منٽن تي شروع ٿيندو، 11 لڳي 40 منٽن تي مڪمل سج گرهڻ ٿيندو. موسميات کاتي موجب سج جي ڀر پاسي آڱوٺي جي شڪل جو دائرو بڻجندو. سج گرهڻ جي وڌيڪ شدت سکر، لاڙڪاڻي جي ڀر پاسي ۾ ٿيندي. سج گرهڻ سينٽرل آفريڪا، ڪانگو، ايٿوپيا، نادرن انڊيا ۽ چين ۾ به نظر ايندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو