مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ايم ڪيو ايم رڳو عوام ۾ نفرت جو ٻِج ڇٽڻ ۾ رُڌل آهي: مرتضيٰ وهاب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايم ڪيو ايم رڳو عوام ۾ نفرت جو ٻِج ڇٽڻ ۾ مصروف آهي. صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم جي چوڌاري ويٺل ماڻهو غلط بياني ڪري رهيا آهن، عمر ايوب ڳالهيون گهٽ ڪري ۽ ڪم وڌيڪ ڪري ته بهتر ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي گئس نه پئي ملي، بجلي جو بدترين بحران آهي، وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي اهم مسئلن تي وفاقي حڪومت خلاف ريلي ڪڍڻ گهرجي ها، هن وقت ايم ڪيو ايم رڳو عوام ۾ نفرت جو ٻِج ڇٽڻ ۾ رُڌل آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو