مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

انگلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيم جون ڪورونا ٽيسٽ لاءِ مقرر تاريخون بدلايون ويون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

انگلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيم جي ڪورونا ٽيسٽ جون تاريخون تبديل ڪيون ويون آهن. پهريون مرحلو 20 جون جي بجاءِ 22 جون تي ٿيندو جڏهن ته ٻئي مرحلي جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. قومي رانديگرن جي پهرين ڪورونا وائرس ٽيسٽ جي تاريخ 20 جون تي هئي. ذريعن موجب تاريخن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. پهرين ٽيسٽنگ لاهور، ڪراچي، راولپنڊي ۽ پشاور ۾ 22 جون تي ٿيندي. ٻيون مرحلو 25 جون تي هو پر ٻئين ٽيسٽ انگلينڊ روانگي جي تاريخ سان مشروط آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئين مرحلي بابت انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو