مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪ ڀارت ڪشيدگي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا جو پرائيويٽ ڊپلوميسي جو اعتراف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير رابرٽ پلاڊينو پريس بريفنگ دوران اعتراف ڪيو ۽ چيو ته مائيڪ پومپيو جي رابطن بعد پاڪ ڀارت ڪشيدگي ۾ گهٽتائي آئي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ موجود آمريڪي سفارت خانا ٻنهي ملڪن سان رابطن ۾ هئا. هن وڌيڪ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ڪارروائي وڌيڪ بگاڙ جو سبب بڻجندي. جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشيدگي کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم جاري رکيا ويندا. واضح رهي ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشيدگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي پيشڪش ڪندي چيو هو ته هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڏهاڪن کان هلندڙ تنازعي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو