مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشيدگي جو خاتمو چاهيون ٿا، آمريڪي صدر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو  آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ۾ تمام خراب صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. اسان کي ان صورتحال کي روڪڻو پوندو. تمام گهڻا ماڻهو مري چڪا آهن۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪشيدگي کي ختم ڪرائڻو پوندو. ياد رهي ته گذريل هفتي ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي گاڏي تي حملي ۾ 44 فوجين جي فوت ٿيڻ بعد ڀارت سرڪار پاڪستان مٿان الزام مڙهيو ۽ جنگ جون ڌمڪين ڏنيون جنهن  بعد پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان چيو هيو ته ڀارت جي ڪنهن به حملي جي صورت ۾ ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ڪاله  پاڪستان جي آرمي چيف به ڀارت کي جنگ کان باز رهڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.  ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيندڙ ان ڪشيدگي کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر  ٻنهي ملڪن سان رابطا شروع ڪري ڏنا آهن.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو