مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حيدرآباد ضلعي انتظاميه جي نااهلي، راشن سان ڀريل ٽرڪ ڦر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

حيدرآباد ضلعي جي قاسم آباد تعلقي جي راشن سان ڀريل ٽرڪ ٺيڪيدار بنا ڪنهن سيڪيورٽي جي انتظاميه جي حوالي ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو، ٺيڪيدار راشن سان ڀريل ٽرڪ بغير ڪنهن رينجرز ۽ پوليس سيڪيورٽي جي نگراني ۾ منتقل ڪرڻ بدران فقط ٽرڪ ڊرائيور ۽ ٺيڪيدار پاڻ اسسٽنٽ ڪمشنر گدا حسين سومرو حوالي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ٽرڪ کي گدو ناڪي وٽ شهرين روڪي زبردستي راشن لاهڻ شروع ڪيو ته ڏسندي ئي ڏسندي ماڻهن جو هجوم ٽرڪ وٽ پهچي راشن جا بيگ کڻي ماڻهو گهرن ڏانهن روانا ٿيندا ويا. ان حوالي سان حيدرآباد پوليس جو موقف سامهون آيو آهي ته ضلعي انتظاميه راشن واري ٽرڪ جي منتقلي بابت پوليس کي نه ٻڌايو ۽ نه ئي سيڪيورٽي طلب ڪئي. اسسٽنٽ ڪمشنر موقف اختيار ڪيو آهي ته 400 راشن جي بيگن وارو ٽرڪ حسين آباد جي  گدو ناڪي وٽ ماڻهن ڦر ڪيو آهي. اسان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ڦرلٽ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو