مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 افغانستان ۾ اسپتال ۽ انٽيليجنس جي آفيس تي ٽرڪ بم حملو: 20 ڄڻا فوت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

افغان ميڊيا مطابق زابل جي مرڪزي شهر قلات ۾ خفيه اداري اين ڊي ايس جي عمارت ويجهو ڪار بم ڌماڪو ٿيو. هي حملو خود ڪش هيو حملو ڪندڙ بارود سان ڀريل ٽرڪ ڌماڪي سان اڏائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 85 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي جتي زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي. افغان حڪومت جي ترجمان چيو آهي  ته ڌماڪو اسپتال ويجهو ٿيو آهي. حملو ڪندڙ خفيه اداري جي عمارت کي نشانو بڻائڻ چاهي پيو جنهن ۾ هو ناڪام رهيو. جنهن بعد هن هڪ اسپتال ويجهو ڌماڪو ڪري ڇڏيو. زخمين ۾ عورتون، ٻار، طبي عملي جا ماڻهو، مريض شامل آهن. طالبان حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته انهن انٽيليجنس جي عمارت کي نشانو بڻايو هو.  

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو