مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ وڏو انقلاب، اي ڪورٽ سسٽم متعارف، هاڻي وڊيو لنڪ ذريعي به ٻڌڻيون ٿينديون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ پاران جاري ٿيڻ واري اعلاميي مطابق چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آصف سعيد کوسا جي اڳواڻي ۾ ٽن ميمرن واري بينچ وڊيو لنڪ تي پهرين ٻڌڻي 27 مئي تي ڪراچي رجسٽري ۾ ڪندي. اي ڪورٽ سسٽم تحت وڪيل وڊيو لنڪ ذريعي دليل پيش ڪندا.  اعلاميي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اي ڪورٽ سسٽم ذريعي وڪيل ۽ فريادي کي نه صرف ڪيس جي ٻڌڻين ۾ سهولت ٿيندي پر هن قدم سان وقت ۽ پئسي جي زيان کي روڪيو ويندو. ڪراچي رجسٽري ۾ 27 مئي تي ٿيندڙ وڊيو لنڪ ٻڌڻي ۾  وڪيلن جو پرنسپل سيٽ اسلام آباد کان دليل ڏيندو. سپريم ڪورٽ جي اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته اي ڪورٽن ذريعي رولڙي ۾ پيل ڪيسن کي نبيرڻ ۾ مدد ملندي. ۽ وڪيل پنهنجا ڪيس بغير ڪنهن دير جي پيش ڪري سگهندا. جنهن لاءِ هنن کي پنهنجو شهر ڇڏڻ جي ضرورت به نه پوندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو