مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ داعش جا ٽي دهشتگرد پوليس مقابلي ۾ قتل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي پوليس چيو آهي ته داعش سان تعلق رکندڙ ٽي دهشتگرد حملي ۾ قتل ٿي ويا آهن. پوليس مطابق ٽيئي ڄڻا سنڌ ۽ بلوچستان لڳ 35 سيڪورٽي جي اهلڪارن کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آهن. ملير جي ايس ايس پي عرفان بهادر چيو ته پوليس ۽ انٽيليجنس جي ادارن گڏجي آپريشن ڪيو جنهن ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته ٻه ڄڻا ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس پاران ٻڌايو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان ٻه مشين گنون، هڪ پستول، چار گرنيڊ ۽ هڪ خودڪش جيڪٽ هٿ ڪيو ويو آهي. لاشن کي عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو جتي ايس ايس پي انهن جي شناخت شاهد، عثمان ۽ طلعت جي نالن سان ڪئي. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته هي دهشتگرد 2015 ۾ صفوران ڳوٺ ۾ اسماعيلي شيعن کي قتل ۾ به ملوث هئا، جنهن کان علاوه هنن آرمي، رينجرس، پوليس جي 35 اهلڪارن کي به قتل ڪيو هو. جڏهن ته شاهد 2002 ۾ ڊينيئل پرل جي قتل ۾ به ملوث رهيو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو