مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آغا سراج دراني پهرين مارچ تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيب پاران گرفتار ڪيل اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني احتساب عدالت ۾ پيش. نيب جي وڪيل موقف اختيار ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته آغا سراج دراني تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. هن وقت معاملو انڪوائري اسٽيج تي آهي جنهن لاءِ اسپيڪر آغا سراج دراني جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. ٻنهي طرفن جون دليلون ٻڌڻ بعد عدالت آغا سراج دراني کي 8 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ آغا سراج دراني گَهر مان کاڌو ۽ دوائن گهرائڻ جي گهر ڪئي. جنهن تي عدالت چيو ته توهان دوائون لکي ڏيو عدالت آرڊر ڏئي ڇڏيندي. ميڊيا جي سوال پڇڻ تي آغا سراج دراني چيو ته مون کي ڪنهن انڪوائري لاءِ گهرايو ئي نه ويو آهي ته تعاون ڪٿان ڪريان ها. هي سڄو ڊرامو ڪيو ويو آهي، منهنجي گهر ۾ 6 ڪلاڪ گهر ڀاتين کي بند ڪري ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو