مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ ننڍا شهر مڪمل ۽ وڏن شهرن ۾ پاڙي جا دڪان کلندا، ڇنڇر ۽ آچر مڪمل لاڪ ڊائون هوندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار جي فيصلي کي قبول ڪندي ننڍن شهرن کي مڪمل طور ۽ وڏن شهرن جي گهٽين ۾ قائم دڪان سومر کان شام 5 وڳي تائين هفتي ۾ 5 ڏينهن کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون هوندو. مخصوص اسپتالن ۾ او پي ڊين کي به کوليندا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته قومي سلامتي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب وفاق جي فيصلن تي 100 سيڪڙو عمل ڪنداسين. جيڪي ڪاروبار ۽ آفيسون 9 مئي تائين بند هيون اهي بند ئي رهنديون. ڊپارٽمينٽل اسٽور، سئنيمائون ۽ عوامي تفريحي ماڳ به نه کلندا. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ سومر کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي ويندي. لاڪ ڊائون بابت وفاقي حڪومت سان گڏ هلنداسين. وفاق سان گڏ تعميراتي صنعت جو فيز 2، مخصوص او پي ڊي، ننڍن شهرن کي مڪمل طور ۽ وڏن شهرن ۾ گهٽين اندر قائم ننڍا دڪان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان تي ايندڙ سومر کان عمل ٿيندو. اهي ڪاروبار صبح کان شام 5 وڳي تائين هفتي ۾ 5 ڏينهن کلندا

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو