مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي 14 جون تي ٿيندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس فائز عيسيٰ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج ڪي ڪي آغا خلاف داخل ٿيل ٻن صدارتي ريفرنسن جي 14 جون تي ٻڌڻي ٿيندي. ٻنهي ججن مٿان الزام هنيو ويو آهي ته هنن ملڪ کان ٻاهر پنهنجا اثاثا انڪم ٽيڪس ۾ ظاهر نه ڪيا آهن. صدر پاران موڪليل هن ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ججن خلاف آئين جي آرٽيڪل 209 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن ٻنهي ريفرنسن ۾ اٽارني جنرل، پراسيڪيوٽر جنرل جو ڪردار ادا ڪندو ۽ ريفرنس جي ڪارروائي ان ڪئمرا ٿيندي. ياد رهي ته ريفرنس بابت افواهه ظاهر ٿيڻ بعد جسٽس فائز عيسيٰ پاران ملڪ جي صدر عارف علوي کي خط لکي چيو ويو هو ته هن خلاف داخل ڪيل ريفرنس جي ڪاپي موڪلي وڃي. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل پاران ججن خلاف ريفرنس جي مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو