مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سڄي سنڌ جي جيلن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اقوام متحده جي تعاون سان سنڌ صوبي جي جيلن جي ڊيٽا ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اقوام متحده جي هيٺئين اداري يونائيٽيڊ نيشن آف آن ڊرگ اينڊ ڪرائيم جي آفيسرن جيلن جي آفيسرن ۽ نمائندن کي ٽريننگ ڏيئي رهيا آهن. سڄي سنڌ جي 24 جيلن ۾ قيد تقريبن 20 هزار قيدين جي ڊيٽا ڪمپيوٽرائزڊ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته اقوام متحده خصوصي سافٽ ويئر تيار ڪيو آهي جيڪو جيل آفيسرن حوالي ڪيو ويو آهي. جيل خانن جي آئي جي مطابق ڊيٽا ۾ قيدي جو ڏوهه، ان جو جيل ۾ اچڻ، پرسنل پروفائل، عدالتن ۾ پيشي ۽ ڪيس هسٽري سميت ٻيون گهرجون شامل هونديون. جيل ۾ قيدين سان ملڻ لاءِ اچڻ وارن ماڻهن جي ڊيٽا به ڪمپيوٽرائزڊ رکي ويندي. ان سان گڏ جيلن ۾ اهڙيون اسڪرين به لڳايون پيون وڃن جن سان هر سزا يافته قيدي پنهنجي سزا سان متعلق سموري معلومات پاڻ حاصل ڪري سگهندو.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو