مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سيڪريٽري فوڊ کي ڇنڊ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خوراڪ کاتي کان ڪڻڪ خريد ڪري 40 ڪروڙ رپين جا غبن ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري، نيب عملدارن ۽ فلور ملز جوابدارن جي وڪيلن کي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏجاڻي ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو آهي ته گڏجاڻي ڪري ايندڙ ٻڌڻي تائين مارڪ اپ جي رقم طئي ڪريو، عدالت خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان ڪنهن جي اک جا تارا آهيو؟ توهان جي مقرري ڪهڙي عهدي تي ٿي هئي؟ جنهن تي سيڪريٽري فوڊ چيو ته هو سيڪشن آفيسر جي عهدي تي مقرر ٿيو هو. عدالت پڇيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن ابتڙ ڪيترا آفيسر سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. عدالت چيف سيڪريٽري کان اهڙن سمورن آفيسرن جي حوالي سان جواب طلب ڪري ورتو آهي

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو