مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 حيدرآباد جي ڪمشنر کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي ڪمشنر کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد جي ڪمشنر کي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جو چيو ويو هو. نوٽيس مطابق حيدرآباد جي ڪمشنر کي 23 جولاءِ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ آڏو پيش ٿيڻو آهي. واضح رهي ته 8 ڊسمبر 2016 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران حيدرآباد جي ڪمشنر کي حڪم جاري ڪندي چيو ويو هو ته هو تاريخي ماڳن جو ذاتي دورو ڪري. جڏهن ته هن پاران اهڙو ڪوبه قدم نه کنيو ويو هو. هن نوٽيس ۾ هڪ دفعو ٻيهر اهو به چيو ويو آهي ته ڪمشنر اهڙن ماڳن جا دورا ڪري ۽ انهن دورن بابت پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو