مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ حڪومت ايڇ آءِ وي مريضن لاءِ انڊومينٽ فنڊ شروع ڪندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ صوبي جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اسيمبلي کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ايڇ آءِ وي جي مريضن لاءِ هڪ انڊومينٽ فنڊ شروع ڪري رهي آهي. اهو فنڊ خاص طور تي ٻارن جي لاءِ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ايڊز کان متاثر ٿيندڙن ۾ وڏو تعداد ٻارن جو آهي. انڊومينٽ فنڊ ذريعي انهن ٻارن کي معاشري ۾ بدنامي کان بچائڻ لاءِ شروع ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير ٻڌايو ته اسان رتوديرو ۾ 28000 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا آهن جنهن مان 800 ڄڻا ايڊز جا مريض ظاهر ٿيا آهن. هن چيو ته اهڙي معاشري ۾ جتي هڪ بيماري کي برائي سمجهيو وڃي ٿو اهڙي حالت ۾ ان بيماري کان متاثر ٿيل ٻارن جي سڄي زندگي تباهه ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي ۾ صحت جون سهولتون بهتر ڪيو پيون وڃن. سڄي صوبي ۾ انفيڪشن کي روڪڻ ۽ مريضن جي علاج لاءِ ڊاڪٽرن جي خاص ترتيب جو بندوبست ڪيو پيو وڃي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو