مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتي جي ڏاڙهيلن جي علاج واري ويڪسين جو منصوبو ختم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ اندر نانگ جي ڪکيلن ۽ ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن جي علاج لاءِ دوا تيار ڪندڙ منصوبا خاموشيءَ سان ختم ڪيا ويا آهن. پهريون منصوبو 2007 ۾ سڪرنڊ ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ 35 آفيسر ۽ اهلڪار ڪم ڪري رهيا هئا. هن اداري ۾ اينٽي سنيڪ بائيٽ اينٽي ريبيز ويڪسين تيار ڪئي ويندي هئي. ٻيون منصوبو ڪراچيءَ جي ڊائو يونيورسٽي جي اوجها ڪيمپس ۾ هلي رهيو هو. هن اداري نانگ جي ڏنگ جي علاج لاءِ دوا تيار ڪئي هئي جنهن کي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽيءَ پاران منظور پڻ ڪرايو ويو هو ۽ هاڻ ان جي پروڊڪشن شروع ٿيڻي هئي. ياد رهي ته ملڪ اندر هر سال 20 هزار ماڻهو نانگ جي ڪکجڻ جا رپورٽ ٿيندا آهن جن مان 12 هزار فوت ٿي ويندا آهن.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو