مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٿر انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي قيام جي منظوري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مٺي اندر ٿر انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. جنهن تي شروعاتي طور تي 1.5 ارب رپين جي رقم خرچ ڪئي ويندي. ٽي آءِ اي ايس ٽي 317 ايڪڙ زمين تي قائم ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير اين اي ڊي جي وي سي کي هدايت جاري ڪئي ته هو آڪٽوبر 2019 کان بينظير ڪلچر ڪامپليڪس مٺي ۾ عارضي طور تي ڪلاس شروع ڪري. عارضي طور تي قائم ٿيندڙ عمارت ۾ 60 سيٽن تي داخلا ڪئي ويندي جنهن مان 46 ريگيولر ۽ 14 سيلف فنانس تي هونديون. اين اي ڊي جي وي سي ڊاڪٽر سروش لوڌي پاران چيو ويو آهي ته ٽي آءِ اي ايس ٽي جي سپورٽنگ اسٽاف ۽ فيڪلٽي ۾ 19 پوسٽون هونديون جن ۾ 21 گريڊ جو هڪ پرنسپل، گريڊ 21 جا پروفيسر، گريڊ 20 جا 2 ايسوسيئيٽ پروفيسر، 4 اسسٽنٽ پروفيسر، 3 ليڪچرار، 2 آءِ ٽي مئنيجر، 2 ڊيٽا انٽري آپريٽر، ليب ٽيڪنيشن ۽ ٻيو عمل شامل هوندو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو