مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 سرڪيولر ريلوي جي جاءِ تي ايم ايل ون منصوبو ٺاهڻ خلاف قرارداد منظور

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ اسيمبلي وفاق پاران ڪراچي سرڪيولر ريلوي کي نظر انداز ڪندي ايم ايل ون منصوبو جوڙڻ خلاف قرار داد منظور ڪري ورتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي سي آر منصوبي جي جاءِ تي ايم ايل ون منصوبي کي قبول نه ڪيو ويندو. مان پاڻ ڪي سي آر منصوبي کي سي پيڪ فورم مان منظور ڪرايو هو ۽ ايڪنڪ به ان جي منظوري ڏني هئي. هاڻي وفاق ان منصوبي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. مان هن منصوبي لاءِ وزيراعظم کي ٽي خط لکي چڪو آهيان. هن موقعي تي ڪالهه پيپلز پارٽي جي ايم پي اي گهنور علي اسراڻ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو ٺهراءُ اسيمبلي منظور ڪري ڇڏيو ۽ ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري ڪي سي آر منصوبي جي منظوري ترجيحي بنيادن تي ورتي وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو