مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ اسيمبلي ۾ سي جي لنڪ ڪينال تي بجلي گهر جي اڏاوت خلاف ٺهراءُ منظور

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ارسا پاران سنڌ جي مخالفت باوجود چشمه جهلم لنڪ ڪينال تي پاور پلانٽ جي اين او سي ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سي جي لنڪ ڪينال هڪ فلڊ ڪئنال آهي ان کي صرف ان وقت کولي سگهجي ٿو جڏهن انڊس ۾ سر پلس پاڻي هجي ان کانسواءِ ان کي نٿوکولي سگهجي. جڏهن ته ان ڪينال تي پاور پلانٽ ٺاهي سنڌ سان زيادتي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته مان هن حوالي سان وزيراعظم کي ٽي خط لکي چڪو آهيان، پر انهن خطن جو ڪوبه جواب نه مليو آهي. ياد رهي ته 18 آڪٽوبر تي ارسا ٽن صوبن جي ميمبرن جي منظوري بعد سي جي لنڪ ڪينال تي 40 ميگا واٽ واري پاور پلانٽ لاءِ اين او  سي جاري ڪئي هئي. جنهن بعد اسيمبلي ۾ چشما لنڪ ڪينال تي پاور پلانٽ جي اڏڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو