مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 سپريم ڪورٽ عمر قيد جي نئين وضاحت ڪرڻ چاهي ٿي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ ۾ 1997 جي سزا ٻڌايل ڏوهي هارون رشيد جو ڪيس ٻيهر کنيو ويو، جنهن ڪيس ۾ هارون رشيد نالي ڏوهي کي 1997 ۾ 12 دفعا عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ٻڌڻي دوران جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته اسان کي عمر قيد جي سزا کي واضح ڪرڻو پوندو ته عمر قيد جي سزا 25 سال هجڻ گهرجي يا ڪيس ۾ سزا ٻڌائڻ کان موت تائين هجي ۽ جنهن ڪيس ۾ موت جي سزا هڪ کان وڌيڪ دفعا ٻڌائي وڃي ٿي جهڙوڪ هن ڪيس ۾ هارون رشيد کي 1997 ۾ 12 ڪيسن ۾ 12 عمر قيد جون سزائون ٻڌايون ويون اهڙي صورت ۾ اهي سڀ سزائون گڏوگڏ هلنديون رهن يا هڪ کان ٻي سزا اچڻ گهرجي. واضح رهي ته پاڪستان جي قانون ۾ سيڪشن 57 تحت عمر قيد جي سزا جو مطلب 25 سالن جي قيد هوندو آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو