مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

رمضان رليف پئڪيج منظور، 19 شين تي سبسڊي ڏني ويندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اقتصادي رابطا ڪاميٽي رمضان رليف پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عمر لوڌي جو چوڻ آهي ته عوام کي رمضان ۾ 19 شين تي سبسڊي ڏني ويندي. جڏهن ته اي سي سي اجلاس ۾ بجلي صارفين جي رليف بابت ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو. حڪومت بجلي صارفين کي 185 ارب رپين جو رليف پئڪيج ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. رمضان رليف پئڪيج تي عملدرآمد 17 اپريل کان عيد تائين جاري رهندو. يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 800 رپين ۾ ملندو، شربتن تي 15 سيڪڙو، بيسڻ تي 10 سيڪڙو، کجور تي اوپن مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 سيڪڙو سبسڊي ڏني ويندي. چانهه تي 8 کان 10 سيڪڙو سبسڊي هوندي. جڏهن ته اي سي سي يوٽيلٽي اسٽورز کولڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ هڪ مهيني اندر وڌيڪ 200 يوٽيلٽي اسٽورز کوليا ويندا

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو