مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪو، ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار 30 زخمي       

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪالهه شام جو ڪوئيٽا ۾ باچا خان چوڪ ويجهو بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 30 زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن، ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي مطابق 30 زخمين مان 6 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي. پوليس مطابق ڌماڪو لياقت بازار سٽي ٿاڻي سامهون ٿيو، ڌماڪي جو آواز پري جي علائقن ۾ ٻڌو ويو، ويجهين عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا. ملڪ جي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي جانين جي ذيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. هنن زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي انهن جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي. ٻي طرف بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان ڌماڪي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو