مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزير اعظم ايمنسٽي اسڪيم جي مدي ۾ واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته 30 جون تي ايمنسٽي اسڪيم جو مدو پورو ٿيڻ بعد ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ نئين حڪمت عملي جوڙي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته واپارين کي فائلر بڻجڻ بعد ادارو تنگ نه ڪندو. جڏهن ته واپارين جي فنڊ جو معاملو آئون پاڻ ڏسندس. وزير اعظم چيو ته هن ملڪ جو وڏو مسئلو قرض آهن. اهي قرض ادا ڪرڻ لاءِ عوام کي ٽيڪس ڏيڻا پوندا. ان کان علاوه ڪرپشن سبب ملڪ ۾ بي روزگاري ۽ مهانگائي وڌندي آهي ۽ ملڪي ادارا تباه ٿي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا ۾ ٽيڪس جو پئسو عوام تي خرچ ٿيندو آهي. جڏهن ته هن ملڪ ۾ ٽيڪس جو نظام ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي. ايف بي آر جي بدعنواني سبب ملڪ ۾ ٽيڪس جو نظام خراب ٿيو آهي. ان ڪري ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو. اسان جي فوج پنهنجو بجيٽ گهٽايو آهي، وزيرن پگهارن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، عوام به چاهي ته 8 هزار ارب رپيا جمع ٿي سگهن ٿا، اسان کي ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو پوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو