مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حڪومت ڪابينا ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

خبرن مطابق ڪالهه عمران خان پي ٽي آءِ جي پارٽي اڳواڻن سان ٿيل هڪ ميٽنگ ۾ اشارو ڏيندي چيو ته حڪومت جي ڪجهه وزيرن کي هٽائي نوان ماڻهو آندا ويندا. هن کان اڳ ۾ ميٽنگ دوران پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن وزيراعظم آڏو پي ٽي آءِ جي اهڙن اڳواڻن لاءِ شڪايت ڪئي جيڪي عوام جا مسئلا حل نه ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ اعتراض واري چڪا آهن. ساڳئي وقت عمران خان ان ڳالهه جو اشارو به ڏنو ته اڳوڻو وفاقي وزير اسد عمر جيڪو هاڻي ڪابه وزارت نٿو رکي ان کي به پارليامينٽ ۾ آندو ويندو. ٻئي طرف اسد عمر صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم ڪابينا ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جو اعلان  نه ڪيو آهي. ميڊيا ڪالهوڪي ميٽنگ بابت غلط رپورٽنگ ڪري رهي آهي. ڪابينا ۾ ڪا تبديلي نه ٿي رهي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ نور عالم خان پارليامينٽ ۾ پنهنجي ئي حڪومت خلاف آواز کڻندي چيو هو ته حڪومت عوام جا مسئلا حل نه ڪري رهي آهي. اها ڳالهه ميٽنگ ۾ وزيراعظم آڏو اٿارڻ بعد وزيراعظم ڪابينا ۾ تبديلي آڻن جو اشارو ڏيندي چيو ته جيڪي به ميمبر پرفارم نه پيا ڪري سگهن اهي گهر موڪليا ويندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو