مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هوئا وي موبائل ڪمپني تي آمريڪا ۾ پابندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽمپ چين جي موبائل فون ٺاهيندڙ ڪمپني هوئا وي کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر جي اعلان کانپوءِ گوگل به هوئا وي ڪمپني سان رابطو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هاڻي هوئا وي ڪمپني کي گوگل جي سروس جهڙوڪ جي ميل، گوگل ميپس ۽ اهڙين ٻين ايپليڪيشنز تائين پهچ نه ملندي. جنهن کانپوءِ آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۽ پاڪستان ۾ به هوئا وي جي لکين فون سيٽن تي گوگل جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ نه ٿي سگهندو. جنهن سبب اهي سيٽ تقريبن بيڪار ٿي ويندا. هوئا وي ڪمپني پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته اها پنهنجن صارفن کي متبادل ۽ پائيدار سافٽ ويئر ڏيندي. جڏهن ته موجوده فون سيٽن کي فروخت بعد سروس به مهيا ڪئي ويندي. ٻي صورت ۾ سافٽ ويئر جو مسئلو حل نه ٿيڻ سبب هوئا وي جا سيٽ خاص مدت بعد بيڪار ٿي ويندا. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته هي معاملو هوئا وي ڪمپني ۽ گوگل جو آهي اسان ان ۾ ڪجهه نٿا ڪري سگهون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو