مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪ ، ڀارت ڪشيدگي باوجود حڪومت بيساکي ميلي جو شيڊيول منظوڪري ورتو آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزير اعظم عمران خان خالصه جي جنم ڏيهن ۽ بيساکي ميلي جي تيارين جي سلسلي ۾ خصوصي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هن ميلي دوران سک ياترين کي پاڪستان حڪومت پاران مفت طعام  ۽ قيام جون سهوليتون ڏيڻ لاءِ  تياريون شروع ٿي ويون آهن. واضح رهي ته سک ياتري 12 اپريل تي خصوصي ٽرين ذريعي پاڪستان ايندا. جنهن موقعي تي پاڪستان حڪومت جا اعليٰ عملدار، ياترين جو استقبال ڪندا. ساڳي رات ياترين کي خصوصي ٽرين ذريعي گورد وارا پنجه صاحب حسن ابدال پهچايو ويندو. جتي ڦوڳ اکنڊ پاٺ صاحب جون مرڪزي تقريبون شروع ٿينديون. ياد رهي ته هي تقريبون 14 اپريل کان 20 اپريل تائين هلنديون ۽ 21 اپريل تي مڙئي  ياتري واپسي لاءِ روانا ٿيندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو