مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان هاڻي هميشه کان وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويو آهي: پ پ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پيپلز پارٽيءَ پاران تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هڪ سال پوري ٿيڻ تي ان جي ڪارڪردگي بابت موقف ڏيندي وائيٽ پيپر جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هن وقت اڳ کان وڌيڪ ڪمزور ۽ غير محفوظ ٿي ويو آهي. وائيٽ پيپر ۾ هڪ سال کي تباهي جو سال چيو ويو آهي. هن هڪ سال ۾ اسان سياست جي ڀڃ ڊاهه، يوٽرن، ٽٽل واعدا ۽ وڃايل اميدون ڏٺيون آهن. حڪومت سئو ڏينهن جو جيڪو پلان ڏنو اهو به نامڪمل رهيو. وائيٽ پيپر ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پنهنجي منشور ۽ تقريرن ۾ جيڪي به واعدا ڪيا اهي اڻپورا رهيا آهن. لوئر ۽ مڊل ڪلاس کي غربت ۽ بيروزگاري ۾ ڌڪيو ويو آهي. عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي سبب عوام ۾ بيچيني وڌي وئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو