مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جشن آزادي جي موقعي تي پيپلز پارٽي پاران ريلي ڪڍي وئي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪالهه جشن آزادي جي موقعي تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ڪندي پيپلز پارٽي پاران ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي قيادت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪئي. ريلي ۾ پيپلز پارٽي کان علاوه مختلف پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ريلي سان خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪشمرين جي لاءِ سڄو پاڪستان گڏ ٿيو آهي. سڀني سياسي جماعتن ريلي ۾ گڏ ٿي ثابت ڪيو آهي ته ڪشمير ۽ پاڪستان لاءِ سڀ هڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري جيڪي 72 سالن جي ظلم کان نه ڊنا آهن اهي آئين جي ترميم کان ڪيئن ڊڄندا. هن موقعي تي شريڪ سڀني پارٽين جي اڳواڻن به خطاب ڪيو. پيپلز پارٽي پاران ڪڍيل ريلي مزار قائد کان ايمپريس مارڪيٽ تائين پيادل مارچ ڪيو.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو