مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 پارليامينٽ ۾ عام ماڻهن جي لاءِ خاص گيلري تيار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پارليامينٽ ۾ عوام کي قومي اسيمبلي جي ڪارروائي ڏيکارڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ خصوصي عوامي ڪائونٽر تيار ڪيو ويو آهي. هاڻي ملڪ جو ڪوبه شهري پنهنجي اصل قومي شناختي ڪارڊ سان گڏ پهرين اچو پهرين وٺو جي بنياد تي پارليامينٽ جي پريس گيلري جو پاس ڪارڊ حاصل ڪري سگهندو. پارليامينٽ ۾ ايندڙ اهڙن شهرين کي پارليامينٽ هائوس ۾ ڪابه موبائل فون، پيجر، ٽيپ رڪارڊر، ڪو هٿيار، ٿيلهو، بيگ يا ڪتاب کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي. ان کان علاوه گيلري ۾ تماڪ ڇڪڻ، تاڙيون وڄائڻ ۽ نعريبازي ڪرڻ جي به اجازت نه هوندي. ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ مهمان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو