مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪ ايران سرحد تي سيڪيورٽي فورسز جي هنگامي آپريشن

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان فوج،  پاڪ ايران بارڊر تي ڪامياب آپريشن ڪري دهشتگردن جي قبضي مان 4 ايراني فوجين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. بازياب ڪرايل فوجين کي ايران حوالي ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ ايران سرحدي علائقي ۾ افغانستان جي دهشتگردن جي داخل ٿيڻ جي اطلاع ملي هئي. اطلاع مطابق دهشتگردن وٽ چار ايراني فوجي به موجود هئا. ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ ايران جي فوج تي حملي بعد انهن چئن فوجين جي اغوا ٿيڻ جي اطلاع ملي هئي. جنهن بعد ايران واقعي جا الزام پاڪستان تي هنيا هئا. جڏهن ته هن آپريشن بعد ثابت ٿي ويو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ ٿيل حملو ۽ اغوا جو واقعو ايران اندر موجود گروهه پاران ڪيو ويو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو